اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي و??ا آهن ۽ معيشت استحڪام طرف گامزن آهي، ميڊيا معيشت جي مثبت تاثر کي اجاگر ڪرڻ ۽ سيڙپڪار?? جي اعتماد کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مخالف ڌر کي پنهنجو جمهوري حق استع??ال ڪرڻ جو م??مل حق آهي پر اهو حق ملڪي قانونن، آئين ۽ اعليٰ عدليه جي فيصل?? جي روشني ۾ استع??ال ڪرڻ گهرجي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت جي ڏاڍ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ملاقات دوران ڪيو.