اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعو??ڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو ??ڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هو??ل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعو??ڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو ??هي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو ??ڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هو??ڊرز ان جا ملازم آهن.