ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، امن ۽ استحڪام کانسواءِ پاڪستان جي معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستان آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري رهيو آهي. ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي وز??راعظم ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ورثي ۾ بدترين معيش?? ملي، معاشي استحڪام لاءِ حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي ??رڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.