اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت سمورين پارلياماني پارٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي سيشن جي حوالي سان ميمبرن پاران مختلف تجويز??ن سامهون آيون جڏهن ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان ف??صل?? ٿيو ته 11 مئي سومر ڏينهن ٽي وڳي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، ان اتفاق راءِ کانپوءِ مخالف ڌر ??اران خواجه محمد آصف ريڪيوزيشن واپس وٺڻ جو ف??صل?? ڪيو. اهو به طئي ٿيو ته اجلاس جو وقت ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ تائين هوندو.