اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد ع??ي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ت?? جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ت?? آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ت?? محمد ع??ي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ت?? جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ت?? سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو له??دي هن پنهنجي راند جي زند??ي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس طاقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪ??ي آهي جنهن ۾ محمد ع??ي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زند??ي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.