اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسبين کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين رسائي وڌائڻ جي هدايت ڪندي ??يو آهي ته موجوده قانون ۾ ترميم ڪري محتسب جي ??داري کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، محتسب جا ادارا پنهنجو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ??ن ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي ??و استعمال يقيني بڻائين، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي لاءِ ميڊيا مهم هلائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي محتسبين ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي ڪيو.