اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغا??ست??ن جي تعمير جي ضرورت آ??ي، سمورين ذميوار ملڪن کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، ان موقعي جو فائدو حاصل ڪري هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وڃي جنهن ۾ مستحڪم ۽ پرامن افغا??ست??ن خطي جي حقيقي گنجائش کي ڪتب آڻن ۾ اسان جو مددگار ثابت ٿئي. افغا??ست??ن کي معاشي تباهي کان بچائڻ لاءِ دنيا کي ملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. خليج ٽائيم ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين مصائب کان پوءِ افغا??ست??ن هڪ تاريخي ٻواٽي تي بيٺل آهي جتي يا ته هو آخرڪار تڪرار ۽ عدم استحڪام جي سلسلي مان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو يا وري رياست ناڪامي طرف وڃي سگهي ٿو ??نهن سان افغان عوام لاءِ وڌيڪ ناقابل برداشت مسئلا پيدا ٿيندا ۽ خطو متاثر ٿيندو. هن چيو ته افغا??ست??ن جي صورتحال کان پاڪستان کي پڻ وڏو ج??ني مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو پر ان باوجود اسان ثابت قدم رهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان اسان ان سان لاتعلق نه رهي سگهياسين. پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستان افغا??ست??ن ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو کليل رکيو جڏهن ته اسان جي قومي اڏام پي آءِ اي سفارتي مشنز، بين الاقوامي تنظيمن، آءِ اين جي اوز ۽ ميڊيا اهلڪارن جي نيڪالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته افغا??ست??ن جي بحران ۾ شدت يا ان جي تسلسل ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪردار نه رهيو. جيتوڻيڪ اسان هميشه جنگ کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هميشه اسپائلرز تي زور ڏيندو رهيو ته هو افغا??ست??ن ۾ استحڪام جي عمل کي روڪڻ کان پاسو ڪن. افغا??ست??ن بري طرح مجروح آهي، جنهن کي سرد مهري نه بلڪه مرهم جي ضرورت آ??ي. سائبر پليٽ فارمز جو غلط استعمال ۽ عوام وچ ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ لاءِ بي بنياد الزامن کي هوا ڏئي دنيا کي گمراهه ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته بين الاقوامي برادري معاشي ۽ انس??ني تباهي کان بچڻ ۾ افغا??ست??ن جي مدد ڪري، ماضي جي اهڙن افسوسناڪ واقعن کي نه ورجايو وڃي جن افغان معاشري ۾ ڏڦيڙ کي وڌيڪ گهرو ڪيو ۽ فوجي ڪارروائي، بدانتظامي، بدعنو??ني ۽ مغربي ٽيڪس جي رقم ضايع ڪرڻ سبب صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ڪيو. هن چيو ته افغا??ست??ن جي نئين نظم و نسق جي حوالي سان اسان اهو چئون ٿا ته حقيقي مفاهمت کي هٿي ڏني وڃي ۽ اهڙو حڪمر??ني وارو رستو اختيار ڪيو وڃي جنهن کي ڪنهن نسل يا صنف پنهنجي لاءِ خطرو محسوس نه ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان نه صرف امن جي عمل لاءِ سهولتڪاري ڪئي بلڪه افغا??ست??ن جي باري ۾ علائقائي نقطه نظر جوڙڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسان افغا??ست??ن ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مغربي ملڪن سان گڏوگڏ افغا??ست??ن جي سمورين ڌرين سان رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بين الاقوامي طاقتن کي زور ڀريو آهي ته هو بين الافغان مفاهمت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ حقيقي ڪوششن تي توجهه ڏين ۽ افغان عوام ڏهاڪن جي تڪرار کان تنگ اچي چڪو آهي. هن صورتحال سبب افغا??ست??ن کان پوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثرٿيندڙ ملڪ آهي، اسان هڪ پرامن 7 خوشحال خطو چاهيون ٿا جيڪو بين الاقوامي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيئي. ان سان اسان جو باهمي رابطي جي ايجنڊا جي حاصلات لاءِ پڻ مدد ملندي، جيڪو علائقائي اقتصادي انضمام جو سبب بڻجندو. هن چيو ته افغا??ست??ن جي فياضانه مدد سان معاشي ۽ پناه گيرن جي بحران کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. ان مرحلي تي مالياتي نقصان عام افغانين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. اسان کي ان جو ڳلو دٻائڻ بدران ان ڏانهن مدد جو هٿ وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اچو ته جاگرافيائي ۽ سياسي سوچ کان مٿانهون ٿي ڪري افغا??ست??ن جي درد ۽ تڪليف کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. پاڪستان سمورن ذميوار ملڪن تي زور ڀري ٿو ??ه هو ماضي جي غلطين مان سبق سکن ۽ انهن کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏين. اچو اسان ان موقعي مان فائدو حاصل ڪندي هڪ نئين دور جي شروعات ڪيون، جتي هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغا??ست??ن خطي جي حقيقي استعداد کي ڪتب آڻڻ ۾ اسان جو معاون ثابت ٿئي.