لاهور – 10 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري ڏسي وٺي پهرين وانگر مايوسي ٿيندي، حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي لا??ِ ماحول سازگار بڻائي رهي آهي، اهي نوڪريون پرائيويٽ ۽ سرڪاري ادارن ۾ فراهم ڪيون وينديون، تحريڪ انصاف عوام سان ??وڪريون ڏيڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ويندو، نوجوان ??سل مستقبل بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدف مقرر ڪري وٺي ته قائداعظم، ڊاڪٽر عبدالقدير ۽ عمران خان جهڙي ڪامياب شخصيت بڻجي سگهي ٿو، پنهنجي هدفن کي مشن بڻائي ڄمي وڃڻ سان به ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿي، توهان ??اڻهو خوش قسمت آهيو جنهن کي اهڙن بهترين تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لاهور ۾ ورلڊ آف اپرچيونٽيز جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، يونيورسٽي آف لاهور پهچڻ تي ريڪٽر دي يونيورسٽي آف لاهور پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سندس استقبال ڪيو ۽ يونيورسٽي جي شعبن بابت بريفنگ ڏني. سيمينار کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته يونيورسٽي آف لاهور جو تعليمي ماحول ڏسي خوشي ٿي آهي، توهان ??اڻهو مستقبل جا معمار آهيو جنهن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. وڏو ماڻهو بڻجڻ جي لاءِ وڏن هدفن جو تعين ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ڪو به شعبو ننڍو يا وڏو ناهي هوندو ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجي محنت سان ??نهنجو مقصد پيدا ڪندا آهن، هن جو چوڻ هو ته هن پنهنجي تعليمي سرڪاري اسڪولن، ڪاليجز مان حاصل ڪئي ۽ اڄ الله جي فضل سان ??ومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي تي فائز آهيان، توهان ??اڻهن کي ملڪ جو مستقبل وڌيڪ سنوارڻو آهي ان ??اءِ پنهنجي هدفن ۾ اهو شامل ڪريو ته ت??هان کي ملڪ کان ??ٺڻو نه آهي پر پاڪستان کي صرف ڏيڻو آهي، جڏهن هر نوجوان اهو پنهنجو منشور ٺاهي وٺندو ته ان کي پاڪستان کان ??ٺڻو ڪجهه ناهي پر ڏيڻو آهي ته ملڪ ترقي جي راهه ت?? گامزن ٿيندو.