برسلز – 31 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان يورپي يونين جي ??ذهب ۽ عقيدن جي آزادي بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل برسلز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مذهبي عدم برداشت جي ??ڌندڙ رجحان ۽ بين المذاهب هم آهنگ?? جي فروغ جي حوالي سان ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني موجب يورپي يونين جي ??ذهب ۽ عقيدن جي آزادي بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊيل نگران پرڏيهي وزير کي برسلز اچڻ تي ڀليڪار چيو. ملاقات ۾ ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل حاصل ڪرڻ جي ??اءِ هڪ ٻئ?? جي عقيدي جو احترام ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.