اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس ۽ چين سم??ت خطي جا سم??را ملڪ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام چاهين ٿا. ”طلوع نيوز“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغانستان کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين سم??را خطا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ افغانستان جي م??جوده حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن پاڪستان ان حوالي سان هڪ قدم پڻ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته آئون ذاتي طور تي يقين رکان ٿو ته خطي جا سم??را ملڪ چاهين ٿا ته افغانستان حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، جڏهن ته آئون صحيح وقت بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر علائقائي م??ڪ ان ڳالهه کي سمجهي چڪا آهن، مون کي يقين آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان کي تسليم ڪرڻ جو مسئلو حل ٿي ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته ڊيورنڊ لائين افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عالمي سطح تي مڃيل سرحد آهي، گڏيل قومون ۽ 206 ملڪن ان کي عالمي سرحد جي طور تي م??ظور ڪيو آهي ۽ افغان عوام ان بابت ڇا ٿي چوي اهو ان جو اندروني بحث آهي، جنهن سان مون کي ڪا دلچسپي نه آهي. هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي افغانستان جي ڪجهه صوبن ۾ پناهگاهون حاصل آهن ۽ ان مسئلي جي ڪري پاڪستن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جڏهن منهنجا ماڻهو توهان جي سرزمين تي اچن ٿا ۽ ان جو استعمال ۽ ان تي ٽريننگ ڪن ۽ پوءِ اچي م??هنجي قوم کي نقصان پهچائين، ته آئون توهان کي اهو ضرور چوندس ته منهنجو ناخوشگوار ڀاءُ توهان جي سرزمين تي آهي، ڀلي توهان جي اجازت سا?? هجي يا نه هجي، پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري ڇڏڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته اهو پاڪستان جو موقف آهي ۽ اسان افغان حڪومت تي انهن ماڻهن کي ڄاڻي واڻي پناهه ڏيڻ جو الزام نه لڳايو. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي خلاف پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.