اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پي?? ڪريون ٿ??. ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو جي و??سيءَ تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 اپريل 1979ع تي و??يرا??ظم ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ غيرشفاف عدالتي ڪارروائي جي ذريعي ڦاهي جي سزا ٻڌائي و??ي هئي. 44 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان تاريخي غلطي جو ازالو ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرڀاتين ۽ ڪارڪنن جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان جو ازالو رڳو ڳوڙها ۽ نه ختم ٿيندڙ افسوس آهي. هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پي?? ڪندي ان جي مغفرت ۽ سمورن لاڳاپيلن جي لاءِ صبر جي دعا ڪريون ٿا.