اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدر ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي م??اقات ڪئي. جنهن ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پاڪستاني زائرين لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي م??اسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ايراني صدر جو دؤرو پاڪستان ٻه طرفن ناتن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، پاڪستاني قوم ايراني صدر ۽ ان جي وفد جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي م??ڪن طرفان دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻ??هي م??ڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي م??نهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسل?? ۾ ??ڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي م??اسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي م??ڪن وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي تي جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي م??قعي تي پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايراني گهرو وزير ان سلسلي ۾ پاڪستاني هم منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ويندي. گهرو وزير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته اسملنگ ٻنهي م??ڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ب??رڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي م??ڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي م??ندي. ايراني وزير چيو ته پاڪستان بارڊر جي فينسنگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو وزير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني مؤقف جي تائيد تي ايراني حڪومت جو ٿورو مڃيو. ايراني هم منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي پاڪستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.