اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته باهه س??ن ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي لاءِ قد?? کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، اسلام آباد انتظاميا ۽ موسمياتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي باهه اُجهائڻ جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪ فوج پا??ان باهه اجهائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ وزيراعظم هائوس جا هيليڪاپٽرز، سڪسٿ ايوي ايشن پڻ وزيراعظم جي هدايت تي حصو ورتو. وزيراعظم ا??هن جي ڪوششن جي پڻ پذيرائي ڪئي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان باهه س??ن ڪو جاني نقصان نه ٿيو، باهه س??ن ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي جي لاءِ قد?? کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪن.