اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چيو ته بوسنيا هرزيگوينا سان پاڪستان جا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپ?? جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ??هر?? لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ه?? ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بوسنيا هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪ?? جي جنگ دوران بوسنيا هرزيگوينا جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هرزيگوينا جي قرارداد جي مسود?? جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪستان بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانح?? جي متاثرين سان گڏ يڪجهت?? جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هرزيگوينا جي دور?? جي دعوت ??ڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.