شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ چين جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي ??يڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وزارت جي ??چ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پاڪستان ??ي م??تلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستان ??ي م??تلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب هواوي جي ??يڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين ليانگ هوا وزيراعظم شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. وزيراعظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيب??شن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين هواوي وزيراعظم کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ??ي م??تلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي م??ڪز ۾ وزيراعظم کي م??تلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هواوي جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺهندڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي چيئرمين هواوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??روغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان ??گاهه ڪيو. وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ??ي م??تلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي ??ظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي ??اءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف هواوي جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي جلد پاڪستان ??ي دوري جي ??ڻ دعوت ڏني. بعد ۾ وزيراعظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وزارت جي ??چ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪستان ??ي 2 لک نوجوانن کي انفارم??شن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيز??شن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.