شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ??راعت جي جديد تربيت جي لاءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽ??يش?? بيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شي – آن ۾ يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽ??يش?? بيس جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي ??ن موقعي تي بيس جي ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هاءِ ٽيڪ ڊيمانسٽ??يش?? زون 2019ع ۾ صدر شي جن پنگ جي هدايت تي قائم ٿيو. يانگلنگ جي زرعي يونيورسٽي ۾ 142 پاڪستاني شاگرد تعليم حاصل ڪر?? رهيا آهن. 120 شاگرد هتان فارغ ٿي چڪا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۽ ايوب ايگريڪلچر ريسرچ سان گڏجي زرعي جنسن تي تحقيق جاري آهي. وزيراعظم مصنوعي روشني جي ذريعي ڀاڄين جي پوکيءَ جي طريقيڪار جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يانگلنگ ايگريڪلچر هاءِ ٽيڪ انڊسٽري اينڊ ڊيمانسٽ??يش?? بيس چين ۾ پهريون هاءِ ٽيڪ صنعتي ترقي جو زون آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان مان سرڪاري خرچ تي هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ??راعت جي جديد تربيت جي لاءِ يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽ??يش?? موڪلڻ جو فيصلو ڪندي چين ۾ پاڪستاني سفير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي چيني عملدارن سان منصوبي کي ??تمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم نارٿ ويسٽ ايگريڪلچر ۽ فاريسٽري يونيورسٽي کي پاڪستان ۾ ڪئمپس کولڻ جي دعوت ڏيندي پاڪستان حڪومت پاران ان ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. وزيراعظم کي ??يس جي مختلف حصن ۽ پاڪستاني پويلين جو دورو پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم کي پاڪستاني پويلين ۾ پاڪستاني مصنوعات پڻ ڏيکاريون ويون. يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽ??يش?? بيس ۾ 26 ملڪ زرعي تحقيق ۾ تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سڀ کان پهريون ملڪ هو جنهن يانگلنگ ايگريڪلچرل ڊيمانسٽ??يش?? بيس ۾ تعاون شروع ڪيو. بريفنگ ۾ پاڪستاني سائنسدانن ۽ تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني يونيورسٽين بابت پڻ ٻڌايو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، حڪومت في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ زراعت ۾ جدت جي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات ۽ ان جي پراسيسنگ سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي ??ديد پلانٽ پروڊڪشن فيڪٽري جو پڻ دورو ڪرايو ويو جتي زراعت جي طريقيڪار جي مختلف مرحلن جو عملي مظاهرو پڻ پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.