اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاق?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ هڪ ڀير?? سان واڌ نه ڪئي ويندي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي حد 60 رپين مان وڌائي 80 رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. هي پهرين ڏينهن کان نه لڳائي ويندي ۽ هي واڌ ترتيبوار ٿيندي. ان حوال?? سان حڪومت تيل جي ??يمتن جي ??گراني ڪندي ته جيئن ماڻهن تي گهٽ کا?? گهٽ بار وِجهي سگهجي.