اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن س??بر??هي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي س??بر??هن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي ??جاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي ??هميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي ??طاب پڻ ڪندو جيڪو ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لاءِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي ??جاگر ڪندو. وزيراعظم س??بر??هي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.