آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامو فوبيا، ماحولياتي تبديلين، تڪرارن ۽ وبائي مرضن جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اسان سڀ گڏجي خو??اراديت، خو??مختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جو احترام ڪندي هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي نظام جوڙي سگهون ٿا. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته هن ايس سي او پلس سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو جن??ن ۾ تڪرارن کي حل ڪرڻ، نسل ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت ۽ امتيازي سلوڪ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي ڌيان ڏنو. اسلامو فوبيا ماحولياتي تبديلين ۽ تڪرارن ۽ وبائي مرضن جي سماجي ۽ اقتصادي آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان کي گهڻ رخي جي ذريعي عزم ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن فلسطين ۾ فوري امن قائم ڪرڻ ۽ ا??را??يلي ڏاڍ جي خاتمي تي زور ڏنو. گڏيل قومون سمورن پراڻي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملد??آم?? کي يقيني بڻائي، پاڪستان گهڻ رخي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ 25 – 2024ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اسان سڀ گڏجي خو??اراديت، خو??مختياري، علائقائي سالميت ۽ عدم مداخلت جو احترام ڪندي هڪ منصفاڻو ۽ پرامن عالمي نظام جوڙي سگهون ٿا.