اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر سر??ار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ ??ار پا??لي??مينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ??سپ??ڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پا??لي??مينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. ??سپ??ڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو م??تقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي ??سپ??ڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمبلي جي ??سپ??ڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي ??سپ??ڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي ??سپ??ڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي ??سپ??ڪر نذير احمد کانسواءِ پا??لي??مينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.