اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن هنگري ج?? سفير بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پار??يا??اني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پار??يا??ان?? سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي ع??ام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پار??يا??اني وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پار??يا??اني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاو?? کي هٿي ملندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاو?? کي ساراهيو. سفير اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري ج?? سفير به پاڪستان سا?? پنهنجي لاڳاپن ۽ تعاو?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. سفير هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پار??يا??اني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.