لاهور -07 آگسٽ (اي پي پي) سن??و درياهه ۾ چشما ۽ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، پي ڊي ايم اي جون متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڊيره غازي خان تونسا ۽ ڪوٽ چٽا تعلقي جي سن??و درياهه جي ڪناري آباد 5 ڳوٺ پا??ي هيٺ اچڻ سبب متاثر ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي ۽ ض??عي انتظاميه ??ي اڳواٽ قدمن سبب ڪو به جاني ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي، ته متاثر علائقن مان شهرين ۽ سندن چوپائي مال کي وقت سر ريسڪيو ويو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 8 ٻيڙيون ۽ 34 ورڪرز امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، 61 ماڻهن ۽ 650 کان وڌيڪ چوپائي مال کي وقت سر محفوظ هنڌن ڏا??هن منتقل ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايم اي موجب عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان ??ي اولين ذميواري آهي.