اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن ??قب??ل چيو آهي ته يوم آزادي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏي??هن آهي، ترقي جو سفر سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل کانسواءِ ممڪن ناهي، پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، پاڪستاني ذهين ۽ محنتي ??وم آهي، مايوسي پکيڙيندڙ ناڪام ٿيندا. اهڙو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي تحقيقاتي اسلامي اداري جي اهتمام هيٺ فيصل مسجد ڪيمپس ۾ جشن آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۽ استحڪام پاڪستان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد، يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ، يونيورسٽي جي نائب صدر سميت استادن ۽ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن ??قب??ل چيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو ??جو?? هڪ نظريي جي ڪاميابي هئي، قائد ۽ ??قب??ل جو نظريو آزادي جي سفر ۾ مشعل راهه بڻيو، قائد جو خواب هو ته هي ملڪ هڪ ڪامياب رياست بڻجي اڀري. قيام پاڪستان کانپوءِ سوچيو پئي ويو ته ملڪ بس ڪجهه سالن تائين ئي پنهنجو ??جو?? قائم رکي سگهي ٿو پر اڄ پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي، م??جو??ه حالتن جي روشني ۾ هن چيو ته مايوسي پکيڙيندڙ ناڪام ٿيندا ڇاڪاڻ ته پاڪستاني ذهين ۽ محنتي ??وم آهي.هن چيو ته ترقي جو سفر هڪ سائنس آهي، امن، سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ سڌارن کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. احسن ??قب??ل چيو ته ويزن 2010ع ۽ 2025ع جي ترقي جي سفر کي بدقسمتي سان ختم ڪيو ويو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي جو خاتمو ڪنداسين، فساد ۽ ڏڦيڙ ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽ برابر آهن. احسن ??قب??ل چيو ته ارشد نديم هر پاڪستاني لاءِ رول ماڊل آهي، هي محنت ۽ عزم جو عظيم مثال آهي، پاڪستاني ن??جو??نن هميشه پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي راڻا مشهود احمد چيو ته زنده قومون پنهنجي غلطين مان سبق سکنديون آهن. راڻا مشهود احمد وڌيڪ چيو ته پاڪستان ??قب??ل ۽ قائد جي خواب جي تعبير جي سفر تي گامزن ٿي چڪو آهي ۽ م??جو??ه حڪومت پاڪستان جي بنيادي ??جو?? جي محافظ آهي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر ثمينه ملڪ چيو ته آزادي جو قدر ۽ قيمت ا??هن کان پڇو ج??هن وٽ اها نعمت ناهي، يوم آزادي جان ۽ مال جون قربانيون ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏي??هن آهي. ان کان اڳ پروفيسر احسن ??قب??ل ۽ راڻا مشهود احمد جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کانپوءِ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ فيصل مسجد ڪيمپس ۾ ٻوٽو لڳايو. تقريب جي آخر ۾ راڻا مشهود احمد يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ ڊاڪٽر حميد الله لائبريري جو دورو پڻ ڪيو. هوڏا??هن وفاقي وزير يوم آزادي جي حوالي سان استحڪام پاڪستان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته آزادي جو ڏهاڙو ڪ??هن به ??وم لاءِ خوشي ۽ اتحاد جو ڏهاڙو هوندو آهي، اڄوڪو ڏي??هن اسان جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، 23 مارچ 1940ع تي قائد جڏهن پاڪستان جو خواب ڏٺو ته ڪ??هن کي يقين نه هو ته اهو ڪمزور ۽ وسيلن کان محروم ماڻهو هندستان ۾ هڪ نئين رياست قائم ڪندا، ??وم مسلم ليگ (ن) جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي لازوال جدوجهد ڪئي، پاڪستان جو قيام هڪ نظريي جي ڪاميابي هئي، قائد پاڪستان ان لاءِ قائم نه ڪيو هو ته هي دنيا جي غريب ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿئي. هن ملڪ ٿوري وقت ۾ جيڪو حاصل ڪيو ان جو مثال نٿو ملي. ا??هن اڳواڻن کي سلام ج??هن پهرين ڏهاڪي جي اندر ئي ملڪ کي ڪامياب بڻايو. هن چيو ته اڄ هي ملڪ دنيا جي ستين ايٽمي طاقت آهي، ج??هن ملڪ ۾ سائيڪل جا پرزا نه ٺهندا هئا اهو ملڪ جي ايف 17 ٺاهي فضا کي چيري رهيو آهي، ج??هن ملڪ ۾ مواصلاتي نظام نه هو اڄ اهو فائبر آپٽڪ جي جديد انفرا اسٽرڪچر رکندڙ آهي، ج??هن ملڪ ۾ هڪ ٻن يونيورسٽين کانسواءِ ڪا به اعليٰ درسگاهه نه هئي اڄ ان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ تعليمي ادارا آهن. هن چيو ته 1947ع کان 2024ع تائين جي سفر ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ڏسڻ لاءِ مليون، اسان تاريخي سفر طئي ڪيو پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ڀيٽ ٻين ملڪن سان ڪنداسين ته گهڻا پوئتي رهجي ويا آهيون، ڪوريا، ويٽنام، ملائيشيا، چين، بنگلاديش ڪجهه سال پهرين تائين اسان کان پوئتي هئا، ڇا ا??هن ملڪن ۾ ذهانت، صلاحيت، ديانت ۽ وسيلا اسان کان وڌيڪ آهن؟ هن چيو ته پاڪستاني ٻين ملڪن کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي آهن. وفاقي وزير چيو ته ترقي جو سفر هڪ سائنس آهي، ج??هن ملڪ ترقي ڪئي آهي اهو چئن اصولن تي عمل ڪري ترقي جي صف ۾ شامل ٿيو آهي، امن استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ سڌارن تي ج??هن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو اتي ڪير هڪ پئسو به نه لڳائيندو. ڪ??هن به ترقي يافته ملڪ ۾ پاليسيون 10 سالن کان پهرين نتيجا ڏيندڙ ناهن هونديون. اسان 1998ع ۾ ويزن 2010ع پيش ڪيو ۽ ٻن سالن کانپوءِ مارشل لا لڳي وئي، اسان 2013ع ۾ ويزن 2025ع پيش ڪيو ج??هن کي 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي جي ور چاڙهيو ويو، هن ??وم ملڪ جي چاٻي اهڙي اناڙي ڊرائيور کي ڏئي ڇڏي ج??هن ڪڏهن يونين ڪائونسل نه هلائي هئي، 2018ع ۾ پاڪستان جي معيشت کي فريڪچر ڪيو ويو ج??هن جو پلستر اڄ به معيشت تي چڙهيل آهي، اسان هڪ دفعو ٻيهر معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين ۽ ن??جو??نن کي اهڙو پاڪستان ڏينداسين جيڪو 2047ع تائين دنيا جي پهرين 10 معيشتن ۾ شامل هوندو. پاڪستان کي صرف سياسي عدم استحڪام، لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ ڏڦيڙن ڪمزور ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيو، اسان تعليم، صحت، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏيارينداسين.