اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ?? آپريشنز جي حوالي سان سمور?? مسئلا حل ڪرڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميٽا جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ميٽا جي ايشيا پيسفڪ بابت نائب صدر سائمن ملنر ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي، ملڪي تاريخ ۾ په??يو?? ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جي فروغ جي حوالي سان رڪارڊ بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ميٽا جي مهارت مان فائدو حاصل ڪيو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ميٽا جي پاڪستان ?? آپريشنز جي حوالي سان سمور?? مسئلا حل ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. ميٽا جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ?? ايشيا پيسفڪ ۾ پنهنجي سروسز بابت آگاهه ڪيو. وفد بريفنگ دوران ٻڌايو ته ميٽا مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ريجن ۾ په??يو?? مقابلو پاڪستان ?? منعقد ڪرايو. ٻنهي ڌرين پاڪستان ?? ڊيجيٽل ميڊيا ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن جي ترقي ۽ ترويج جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، تانيه ايدرس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.