لاڙڪاڻو-21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زائرين جي ڪوچ سان ايرا?? جي شهر يزد ۾ خوفناڪ حادثو پيش اچڻ سبب 31 کان وڌيڪ زائرين شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندان?? جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايرا?? جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. لاڙڪاڻي کان سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل زائرين جي ڪوچ ايرا?? جي شهر يزد ۾ بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڪوچ ۾ 55 ڄڻن سميت ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر سوار هئا. حادثي جي نتيجي ۾ 31 کان وڌيڪ زائرين موقعي تي ئي دم ڏنو. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زائرين سخت زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمي?? جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃ??. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوچ هيٺيان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتين ۽ زخمي?? جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي ٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي ڪوچ سان ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آ??ي، ايران روڊ حادثي ۾ شهيد?? جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. ان کان اڳ حادثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙڪاڻو کان 50 کان 55 زائرين جي بس کي ايرا?? جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندان?? جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايرا?? جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۽ پرڏيهي وزارت سان لاش?? جي واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃ??، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃ??.