اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي مل?? جو اهم ترين شهر ۽ مل?? جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انته??ئي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان مل??ي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وز??ر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي پاليسين جي ڪري مهانگ??ئي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين ??يش ڪيو. وفد وزيراعظم کي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظم کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجويزون ۽ مل??ي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ سيد امين الحق شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انته??ئي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان مل??ي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي مل?? جو اهم ترين شهر ۽ مل?? جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ٻين شهري علائقن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوب??ئي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.