راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شه??د جي گهر ويو ۽ شه??د جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئير?? سان ملاقات ڪئي. اطلاعات و??ري وف??قي وزير ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شه??د جي گهرڀاتي?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شه??د جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتي?? سان ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وف??قي وزير چيو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد اسان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان ناهن وينديون. وف??قي وزير چيو ته شه??د جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شه??د جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وف??قي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ ??رعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو. هن چيو ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ??ي، هي ملڪ عظيم قرباني?? سان حاصل ٿيو. هن چيو ته شهيدن جو اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن احمد بدر شه??د جي طفيل اسان کي به توفيق ڏي ته اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شه??د جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شه??د جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت سان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ا?? سان منهنجو ڳاٽ فخر سان بلند ٿي ويو. هن چيو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چيو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات و??ري وف??قي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ڪيپٽن احمد بدر شه??د جي گهر پهتو ته ڪيپٽن احمد بدر شه??د جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئير?? سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽن احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.