اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) و??ير??عظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين ??ان?? مشهود احمد خان سان پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان م??قعي تي چيئرمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعريف ڪئي ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دوبي سان م??ابلي لاءِ پُرعزم آهي، چيو ته هو ڀرپور محنت سان پاڪستان لاءِ هي ٽائٽل کٽڻ لاءِ تيار آهي. چيئرمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان ??ان??يگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ نيپال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عو??م اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ??ان??ين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ و??ير??عظم يوٿ پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس پروگرام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.