اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر اياز صادق پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو، مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان تمام گهڻن سوالن جنم ورتو. ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر ٻيهر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿو؟ ڪنهن به اداري کي آئين جي من پسند تشريح جو حق حاصل نه آهي، آئين ۾ قانونسازي ۽ ترميمن جو اختيار رڳو پارل??ام??نٽ وٽ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط جي حوالي سان حڪومت جو موقف عو??م تائين پهچڻ گهرجي. هن چيو ته قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر اياز صادق سدائين اسپيڪر جي ڪرسيءَ سان انصاف ڪيو ۽ ايوان ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين سان سٺو رويو رکيو، سندس سدائين ڪوشش ره?? آهي ته ڪنهن به اسي??بل?? ميمبر جي حق تلفي نه ٿئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي حوالي سان جڏهن قرارداد قومي اسي??بل?? ۾ آندي وئي ته ان تي اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ نه رڳو انهن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا پر ميمبرن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي. هن چيو ته اسپيڪر جو ڪردار سدائين پارل??ام??نٽ جي بالادستي ۽ پنهنجي ميمبرن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ تمام سٺو رهيو آهي ۽ سياسي پارٽين سدائين قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر جي فيصلن جي تائيد ڪئ?? آهي. هن چيو ته اڄ پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي لاءِ اسپيڪر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي جيڪو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته آئين ۾ پارل??ام??نٽ کي قانونسازي جو اختيار ڏنو ويو آهي، اهو اختيار ڪنهن ٻئي اداري وٽ نه آهي، پارل??ام??نٽ بالادست ادارو آهي. هن چيو ته عوام پنهنجي نمائندن کي چونڊي ايوان ۾ موڪلي ٿي ۽ انهن کي حق ڏي ٿي ته اهي پارل??ام??نٽ ۾ قانونسازي ۽ آئين ۾ ترميمون ڪري سگهن. هن چيو ته جڏهن آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو وارو آيو ته چيو ويو ته ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويندو پر ڳڻيو نه ويندو، ان جي ذريعي حمزه شهباز شريف جي پنجاب ۾ حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ماڻهن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ ضمني چونڊون ڪرايون ويون. هن چيو ته قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ بلڪل صحيح چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جنهن ۾ ترميم ڪئي وئ?? آهي، ۾ اڳ کان اهو رول موجود هو ته آزاد اميدوار 48 ڪلاڪن جي اندر ڪنهن نه ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ميمبر ٻيهر ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ڪيئن شامل ٿي سگهي ٿو؟ هن چيو ته غلطي تحريڪ انصاف کان ٿي هئي، تحريڪ انصاف جي مبينا ميمبرن کي گهرجي ها ته اهي ڪنهن اهڙي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪن جنهن جو وجود پارل??ام??نٽ ۾ موجود هجي پر انهن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جو ايوان ۾ وجود ئي نه هو ۽ پوءِ هڪ فيصلي جي ذريعي انهن کي اهو حق ڏنو ويو ته توهان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي وڃو. هن چيو ته قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته آزاد اميدوار مخصوص مدي جي اندر ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن اهي ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل نه ٿا ٿين ته اهي آزاد ئي تصور ڪيا ويندا. هن چيو ته جن ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل جوائن ڪئي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انهن کي تحريڪ انصاف ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇا اها فلور ڪراسنگ نه آهي؟ وفاقي وزير چيو ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح پنهنجي منشاءَ موجب ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ پارل??ام??نٽ جي بالادستي تائين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي ۽ جڏهن مخصوص سيٽن جو فيصلو اچي ٿو ته ان ۾ آزاد اميدوارن کي چيو وڃي ٿو ته توهان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيڪي ماڻهو سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيا انهن جا بيان حلفي رد ڪري انهن کي چيو ويو ته توهان تحريڪ انصاف جا ميمبر آهيو ۽ تحريڪ انصاف جوائن ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهيو. وفاقي وزير چيو ته سردار اياز صادق پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئ?? آهي ۽ چيو آهي ته ڪنهن اداري کي اهو حق حاصل نه آهي ته اهو آئين جي من پسند تشريح ڪري ۽ پارل??ام??نٽ جي بالادستي کي ڪمزور ڪري. هن چيو ته عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن کي پارل??ام??نٽ ۾ ان لاءِ موڪليو ته اهي قانونسازي ڪري سگهن، انهن کي ان حق کان ڪير به محروم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط بهتر قدم آهي، انشاءَ الله اسان پارل??ام??نٽ جي بالادستي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.