اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي ج??هن ۾ ٻنهي اڳواڻن مهانگائي ج?? شرح 32 کان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب ٻنهي اڳواڻن معاشي انڊيڪيٽرز ۾ مسلسل بهتري، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چي?? ته پاڪستان ۽ عوام کي رليف ملڻ جي رفتار وڌڻ خوش آئنده آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي سيڙپڪار وفد جي آمد، ايس سي او منعقد ٿيڻ جي به آجيان ڪئي ۽ چي?? ته اهي سموريون سرگرميون پاڪستان جي عالمي وقار ۽ معاشي بهتري لاءِ نهايت مثبت اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي محمد نواز شريف چي?? ته وقت ثابت ڪي?? ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحيون ڪرڻ اسان جو درست رخ ۽ درست وقت تي تاريخي فيصلو هو. ميثاق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مليو، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻا، انتشار ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سمورين سياسي پارٽين گڏ??ي مقابلو ڪيو. هن چي?? ته سڀني ج??هوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عدل جو نظام جوڙڻو آهي. اهڙو انصاف جو نظام ٺاهڻو آهي ج??هن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام هجي ته جيئن ڪنهن هڪ شخص کي اها طاقت ۽ اختيار حاصل نه هجي ج??ڪو بهترين جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته فرد واحد ملڪ ۽ قوم کي انڌيرن جي حوالي ڪري ڇڏي. هن چي?? ته اڄ حاصل ٿيل معاشي ڪاميابين جو بنياد به سياسي اتحاد ?? اتفاق آهي. ميثاق جمهوريت ۾ خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سموريون قوتون گڏجي پاڪستان کي معاشي استحڪام ڏين جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان خوشحالي ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اوهان ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو. ان سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف چي?? ته سياسي رواداري، اخلاق، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اسان گڏ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. محمد نواز شريف بلاول ڀٽو جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ??ني. بلاول ڀٽو زرداري ميان نواز شريف کي چي?? ته اوهان جي سياسي ويزن، سوچ ۽ تجربي ج?? تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ پوليٽيڪل ويزن جي ضرورت آهي.