نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، مالياتي خساري تي ضابطو آن??و آهي، مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ??ار?? ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ??سا?? جي ڌيان جو محور رهي آهي، ??سا?? مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن ??سا?? جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، ??سا?? ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود ??سا?? پنهنجي ماڻهن جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي ??نگ??ه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ??سا?? مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي.