اسلام آباد – 10 آ??ٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ٽانڪ ۾ ڪوٽ پٺاڻ جي علائقي ۾ پوليس جي چيڪ پوسٽ تي فتنه ا??خو??رج جي دهشتگردن جي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس دهشتگردن خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ سبب شهيد ٿي?? ٻن پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا پوليس جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سڄي قوم انهن قربانين کي قدر جي نظر سان ڏس?? ٿي. هن چيو ته فتنه ا??خو??رج جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سموري قوم متحد آهي.