نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مس??قل حمايت کي ساراهيو، وزيراعظم ۽ ترڪ صدر علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ س??گي?? انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي ت?? ترڪ صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مس??قبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪس??ان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ س??گي?? انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مس??قل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي معاشي پاليسين کي ساراهيو جن سان پاڪس??ان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ترڪ صدر وزيراعظم جي قيادت ۽ اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سالگرهه جي مبارڪباد پڻ ڏني.