اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير س??ني??ر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪسيشن، توانائي ۽ سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ وسيع بنياد تي سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ ۽ مجموعي قومي پيداوار جي شرح سان ٽيڪس جي شرح کي 13.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ ل??ءِ پرعزم آهي، ٽيڪس ليڪيجز جي ??ات??ي ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙ شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ ل??ءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ تبديلين جي جامع منصوب??بن??ي جي منظوري ڏني آهي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جي استحڪام تي ڪم جاري آهي، هن موسمياتي تبديلين ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه جي سنگين چئلينجن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان اڻبرابري ۾ اضافو ۽ وچولي مدي کان ڊگهي مدي تائين معاشي ترقي ۽ استحڪام جي رفتار متاثر ??ي سگهي ٿي، هن چيو ته پاڪستان جامع ۽ همه گير ترقياتي هدفن کي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ترقياتي حصيدارن جي فني ۽ مالي مدد سان موسمياتي مناسبت جي ڏس ۾ سڌارن ۽ غذائي کوٽ کي روڪڻ ل??ءِ تعاون جو منتظر آهي. آمريڪي سفير ڪلي معيشت جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن خاص طور تي ٽيڪسيشن ۽ توانائي جي شعبن ۾ چئلينجنگ ۽ جرئتمنداڻا سڌارا شروع ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي. هن فني ۽ ترقياتي قدمن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ل??ءِ اعليٰ معيار جي آمريڪي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.