اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عرب سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏجي منشيات جي خاتمي جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جي متحرڪ قيادت جي ڪري 1.3 ٽن منشي??ت کي روڪڻ ممڪن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته منشيات جي ايتري وڏي مقدار جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ساراهه جوڳي آهي. پوري قوم کي پاڪ بحريه جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته منشيات جو مڪمل خاتمو انسانيت جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان حڪومت منشيات جي خاتمي جي مشن ۾ پاڪ بحريه کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.