رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان مضبوط پاڪ سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي موقعي تي س??ودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. هن عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن تي س??ودي عرب جي پا??ست??ن جي حمايت تي محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سندس ۽ سندس و??د جي شاندار مهمان نوازي تي پڻ ولي عهد جا ٿورا مڃيا. فيوچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي حوالي س??ن سعودي ولي عهد جي دورانديش قيادت کي س??راهيندي وزيراعظم چيو ته سعودي ويزن 2030ع پا??ست??ن جي اهم پاليسي ??قص??ن سان هم آهنگ آهي. ٻنهي اڳواڻن مضبوط پا??ست??ن سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائره ڪار ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي س??ودي و??د جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ان دوري دوران صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) جي بنياد تي هڪ پاڪ سعودي معاشي حصيداري جو خلاصو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه تباهي ٿي آهي. سعودي عرب ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٿيندڙ اها ملاقات ان ڳالهه جي عڪاس آهي.