اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ ا??هن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جا قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ ٽ?? ٻارن ۽ هڪ پو??يس اهلڪار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ا??هن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. وزيراعظم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري ا??هن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو حملو بلوچستان ۾ ا??هن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي. دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. اهڙا حملا حڪومت جي بلوچستان ۾ تعليم جي ترقي جي فروغ جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ان لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ا??هن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ پو??يس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.