اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) مواصلات، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته آذربائيجان ۽ ??رڪ??ه جيان بيلاروس کي سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بڻ??ئڻ چ??هيون ٿا، شاهراه قر??قرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپاري ڪوريڊور جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي ٽرانسپورٽ واري وزير اليڪزسي ليخنو وچ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن خاص طور تي مواصلات جي شعبي ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس اچ وڃ ذريعن جي اپ گريڊيشن ۾ گڏيل ڀائيواري ڪري سگهون ٿا. بيلاروس پي آءِ اي سان سفري سهولتن ۾ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات ۾ بيلاروس جي وزير، وفاقي وزير کي بيلاروس جي دؤري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد کان ماسڪو سڌي اُڏام تي ڪم جاري آهي. بيلاروس کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. آذربائيجان ۽ ??رڪ??ه جيان بيلاروس کي به سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بنائڻ چ??هيون ٿا. شاهراهه قر??قرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپار ڪوريڊيور جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته بيلاروس جي صدر تي مشتمل 68 ميمبرن جي وفد جو پاڪستان جو دؤرو سٺو سنوڻ آهي، مستقبل ۾ بيلاروس سان جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ گرين انرجي ۾ ماحول دوست قدم کڻڻا پوندا. بيلاروس جي وزير چيو ته پاڪستان سان ريلوي ۽ روڊ ذريعي رابطا وڌائڻ چ??هيون ٿا. بيلاروس جي وزير پاڪستان جي مواصلات ذريعن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ بيلاروس جا سينيئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.