اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا ارادا پرامن احتجاج جا نه هئا، انهن سدائين لاشن تي سياست ڪئي آهي، ماضي ۾ پي ٽي آءِ عام شهرين جي جنازن تي پنهنجا جهنڊا هنيا، احتجاج جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن، پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال پڻ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورين افواهن جي ترديد ڪئي آهي، مظاهرين تي ڪا سڌي فائرنگ ناهي ٿي، جيڪڏهن فوتگيون ٿيون آ??ن ته ثبوت پيش ڪن، پي ٽي آءِ اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، انهن جي احتجاج ۾ پارٽي قيادت گم هئي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ پرڏيهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد گذريل ڪيترن ئي ڏانهن ??ان گهيري هيٺ هو، شرپسند گروهه اسلام آباد ۾ امن خراب ڪر?? چاهيندا هئا، اهڙي موقعي تي پرتشدد احتجاج ڪيو ويو جڏهن بيلاروس جو وفد پاڪستان جي دوري تي هو. هن ??يو ته شرپسندن وٽ جديد ترين هٿيار هئا، انهن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيلز، پٿر ۽ گليل پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم هو ته ڪنهن به قسم جو ڪو احتجاج نه ٿيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي انهن شرپسندن ريڊ زون ۾ داخل ٿي تباهي مچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ??يو ته اسان انهن ??ي سنگجاڻي ۾ احتجاج ڪرڻ جي آڇ ??ئي جتي پرامن طرقي سان احتجاج ٿي سگهيو پئي جڏ??ن ته پرامن احتجاج انهن جو ارادو نه هو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ فوٽيج جاري ڪئي وئي جنهن ۾ پيشيور ماڻهن ??ي فائرنگ، هٿيار، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، پيلٽ گنز جو استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، شرپسندن جي حملن سان رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، انهن شهيدن جو رت ڪنهن جي هٿ ڳوليون؟ هن ??يو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو ته رينجرز جي جوانن کي انهن جي پنهنجي ئي ماڻهن شهيد ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڏوهاري جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ان جو تعلق ايبٽ آباد خيبرپختونخواهه سان آهي. هن ??يو ته شرپسند اسلام آباد جو امن خراب ڪر?? چاهيندا هئا، انهن جو ڪو عوامي مطالبو نه هو، اهي پنهنجي اڳواڻ کي آزاد ڪرائ?? چاهيندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز وفاقي گادي واري شهر ۾ امن قائم ڪيو، اسان 37 افغان شرپسندن کي گرفتار ڪيو. هن ??يو ته افغانستان اسان جو دوست ملڪ آهي، اسان جا افغانستان دوستاڻا لاڳاپا آهن پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته افغان شهري اسلام آباد ۾ سياسي پارٽي جي احتجاج ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟ وفاقي وزير چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين امن قائم ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آپريشن ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه ۾ امن واپس آندو، ڪراچي ۾ امن واپس آندو، دهشتگ??دي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ ان کانپوءِ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جو دور شروع ٿيو جنهن پنهنجي دور ۾ طالبان کي واپس آندو جنهن جو ڪِيتو اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، اڄ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگ??دي جي لهر جاري آهي ۽ وڏي وزير کي اتي امن امان ۾ ڪا دلچسپي نه آهي. هن ??يو ته ڪرم ايجنسي ۾ 50 لاش ڪِريا ۽ هي اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. هن ??يو ته ملڪ ۾ دهشتگ??دي جو ذميوار رڳو هڪ شخص آهي جيڪو تشدد کي فروغ ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي اها ئي پارٽي آهي جنهن مذهب کي هٿيار جي طور استعمال ڪيو، سعودي عرب جي خلاف بيان ڏيڻ جو انهن جو ڪهڙو مقصد هو؟ هي ملڪ جي عوام جي مذهبن جذبن سان کيڏ?? چاهين ٿا، اهي مذهب کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪر?? چاهين ٿا. هن ??يو ته شرپسندن ميڊيا هائوسز تي ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پي ٽي آءِ اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، انهن جي احتجاج ۾ انهن جي قيادت موجود نه هئي، عاطف خان، شهرام ترڪئي، اسد قيصر، حماد اظهر، شيخ وقاص اڪرم ڪٿي هئا؟ عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي جهيڙو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي مظاهرين جي حوالي سان جعلي فهرست گردش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ??ا فوتگي ٿي آهي ته ثبوت پيش ڪن. هن ??يو ته پي ٽي آءِ لاشن تي سياست ڪر?? چاهي ٿي، ماضي ۾ انهن عام شهرين جي جنازن تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا هنيا. هن ??يو ته پولي ڪلينڪ ۽ پمز اسپتال ڪنهن به شخص کي گولي لڳڻ يا مارجڻ جي ترديد ڪئي آهي، اسپتال عملدارن سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورين افواهن جي ترديد ڪئي آهي، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، اسپتال انچارج ۽ صحت واري وزارت ان بابت لکت ۾ معلومات جاري ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير پرڏيهي ميڊيا کي ڳوڙها آڻيندر گئس جا شيل ۽ بلور پن ڏيکاريا جيڪي هن پاڻ احتجاج جي جڳهه تان گڏ ڪيا. وفاقي وزير چيو ته مون پاڻ احتجاج جي جڳهه تان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيلز، پٿر ۽ بلور کنيا، اهي سمورا ثبوت مون ڪنٽينر جي ٻئي طرف کان گڏ ڪيا. هن ??يو ته ڪيترائي اهلڪار ان سان زخمي ٿيا. وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي ادارن پاران ڪنهن به قسم جو هٿيار استعمال نه ڪيو ويو، انهن وٽ ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪن. هن ??يو ته سياسي پارٽي پنهنجي هر ايونٽ جي وڊيو تيار ڪري ٿي، جيڪڏهن انهن وٽ سڌي فائرنگ جا ڪي ثبوت آ??ن ته سامهون آڻين. هن ??يو ته هي مصنوعي ذهانت سان به ڪا وڊيو تيار نه ڪري سگهيا، اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيجز آهن، انهن فوٽيجز ۾ سمورو رڪارڊ موجود آهي، سيڪيورٽي فورسز پاران سڌي فائرنگ ناهي ڪئي وئي.