اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيا جي پا??لياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقي ھميش فالڪز ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر پا??ليامينٽ ھائوس آمد تي ھميش فالڪز جي آجيان ڪئي. اسپيڪر برطانيا جي پا??لياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري پرڏيھي وزير ھميش فالڪز لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپيڪر دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پا??لياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو ھڪ سرگ??م ميمبر آھي، دولت مشترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت س??ن پاڪستان ھميشه دولت مشترڪه جي فيصلن ۽ پاليسين جي پا??داري ڪئي آھي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمھوري ادارن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ برطانيه ۽ دولت مشترڪه جون ڪاوشون واکاڻ جوڳ??ن آھن، پاڪستان برطانيه س??ن پنھنجي پا??يدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي ھميش فالڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پا??لياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽري پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ھميش فالڪز شاندار آجيان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو.