اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) ماهيگيري جو عالمي ڏينهن 21 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فشريز کاتي سميت ٻين مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ ماهيگيري ۽ آبي حيات سان لاڳاپيل ماهر خطاب ڪندا. پاڪستان جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ سڀ کان قديم پيشو ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ??ري??و ماهيگيري آهي، پاڪستان ۾ ڪراچي جي سامونڊي مڇيءَ جي روانگي واپار سان وڏو ناڻو ڪمايو ويندو آهي. اڄ 21 نومبر تي ماهيگيري جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ملاحن جي مسئلن سميت ماهيگيري ج?? صنعت ۽ ان صنعت سان لاڳاپيل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل جي حوالي سان ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ آهي، جڏهن ته ماهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ??نڌ ملاح فورم پاران ڄامشورو ۾ المنظر جي ڀرسان درياءَ جي ڪنڌي??َ تي جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ملاحن سان گڏ سول سوسائٽي سميت سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي دعوت ڏني وئي آهي. المنظر ڀرسان موجُود ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ منعقد ٿيندڙ هن جلسي جي صدارت ??نڌ ملاح فورم جو چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي ڪندو.