اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت جي جاري پ??رائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي نات?? کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ نات?? کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقي واپاري صلاحيت?? کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ وفاقي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان گڊز ايگريمينٽ“ کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جنو??ي 2025ع ۾ ترڪيه ڏانهن هڪ وفد موڪلي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس کان اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي، جنه?? کي واپار واري وزير ساراهيو. ڄام ڪمال خان نجي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪاروبار دو??ت ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پ?? زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاو?? کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفاقي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي 2 بي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- ترڪيه ناتن جي مستقبل بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدف?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.