اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) ترڪيه جي سفارتخاني جي تعاون سان ”ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي“ ملهايو جنهن ۾ ترڪيه جي شاندار ثقافت ۽ ان جي مشهور ڪافي جي روايت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لا??اپ?? کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ۽ تاريخي، ثقافتي ۽ اقت??اد?? رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي عنبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسپيشل انيشي ايٽوز ڊاڪٽر دانيال سليم، ڊائريڪٽر نيوز ڊاڪٽر هارون الاهي، انچارج پي ٽي وي ورلڊ نمود مسلم ۽ ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز چوڌري محمد سليم سميت نيوز سينٽر جي ملازمن شرڪت ڪئي. مهمانن جي آجيان ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عط??ءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لا??اپ?? تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائيچاري جو رشتو قائم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪش ڪافي کي ترڪيه جي مهمان نوازي جو حقيقي عڪاس قرار ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ثقافت ۽ فنون جي شعبن ۾ تعاون سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ترڪش ڪافي جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ترڪش ڪافي رڳو هڪ مشروب نه آهي، هي هڪ شاندار روايت آهي جيڪا صدين کان هلندي پئ?? اچي، ان جي تياري هڪ ڏکيو عمل آهي جيڪو اسان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو اظهار آهي. هن چيو ته ترڪش ڪافي گانن ۽ شاعري کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان کي اسان جي تاريخ هڪ نمايان علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تاريخي لا??اپ?? تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ گهرا مذهبي رشتا موجود آهن جيڪي هاڻي گهري اقت??اد?? لا??اپ?? ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪافي جي گڏيل محبت اسان کي وڌيڪ ويجهو آندو آهي جيڪا اسان جي گڏيل ثقافتي تعريف جي عڪاسي ڪري ٿي. تقريب ۾ شريڪ مهمان ترڪيه جي ڪافي مان لطف اندوز ٿيا ۽ ان کي ترڪيه جي مهمان نوازي جو حقيقي تجربو قرار ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي وي ثقافتي سفارتڪاري ۽ گڏيل روايتن جي ذريعي عالمي لا??اپ?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي جهڙيون تقريبون پاڪستان ۽ ان جي اتحادين جي وچ ۾ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي نشرياتي اداري جي ڪردار جي توثيق ڪن ٿيون.