دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تع??ون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ چين هڪٻئي ج?? گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي وبا دوران چين پاران پاڪس??ان سان تع??ون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت ب??لا??يندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان پاڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪس??ان افغانس??ان ۾ امن لاءِ تمام گهڻو تع??ون ڪيو آهي، پاڪس??ان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانس??ان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي مدد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانس??ان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻ??هي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.