GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

تحريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي، صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي، صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي پاڪستاني مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي مهم افسوسناڪ آهي، هن نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو اڄ هو پاڻ لُڻي رهيو آهي، پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي خلاف ٻاهرئين ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، اهي فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، فوج مضبوط آهي ته پاڪستان مضبوط آهي، انتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي. هن چيو ته پي ايف يو جي پڻ صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي اها ٽارگيٽيڊ مهم آهي، ان مهم جي ذريعي صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري انهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ صحافي سيد مزمل سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي ۽ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صحافين ۽ انهن جي خاندانن کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو آهي، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ته ڊي چوڪ کان ڀڄي ويا هئا، منهنجو سوال اهو ئي آهي ته ڀڄي ڇو ويا؟ اطلاعات واري وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي ماڻهن توهان جي فائنل ڪال رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت جي وزيرن به باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي سول نافرماني جي ڪال جي مخالفت ڪئي جيڪو سٺو قدم آهي. پهريون ڀيرو انهن مان ڪنهن قومي مفاد کي سياسي مفاد تي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو اڄ اهو پاڻ لُڻي رهيو آهي، پي ٽي آءِ ورڇ ۽ انتشار جو شڪار آهي، ان ٽولي جي ڪوشش آهي ته ماڻهن جي گهرن تائين وڃن، انهن جي خاندانن تائين پهچن جيڪو مذمت جوڳو آهي، اهڙن عنصرن جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي، ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، انهن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، هڪ مثال ٺاهيو ويندو ته اڳتي ڪير ڪنهن صحافي کي اهڙي طرح جون ڌمڪيون نه ڏئي سگهي. هن چيو ته گهرو وزارت سان گڏجي ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن عنصرن جي چهرن کي سڀني جي سامهون آندو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهو ٽولو پاڪستان جي مصنوعات جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو آهي جيڪو افسوسناڪ آهي، پاڪستاني مصنوعات عام ۽ غريب ماڻهو جي ئي پهچ ۾ آهي. هن چيو ته هي پاڪ فوج جي خلاف ٻاهرئين ايجنڊا جي پرچار ڪن ٿا، پاڪستاني مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو ته چون ٿا پر فلسطين جي معاملي تي نه ٿا ڳالهائين، فلسطين تي اي پي سي منعقد ٿي ان ۾ انهن شرڪت نه ڪئي ڇو ته گولڊ سمٿ پاران انهن کي فلسطين جي حق ۾ ڪنهن به مهم ۾ شرڪت ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فوج جا جوان ۽ آفيسر ملڪ ۽ قوم جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، انهن جا خاندان سڄي عمر جو ڏک برداشت ڪن ٿا، جن ملڪن ۾ فوج ڪمزور هوندي آهي ۽ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪيو وڃي ٿو ته ٻاهرئين طور تي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿي. 9 مئي ۽ 26 نومبر تي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن ٻاهريون طاقتون ان جو فائدو کڻي سگهن، پي ٽي آءِ جي پاليسي بلڪل ڪليئر آهي. هن چيو ته انتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته هي ڊي چوڪ مان پنهنجي فرار کي هڪ ٻئي جي مٿان وجهي رهيا آهن، اهي اندروني طور تي پاڻ ڪمزور ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي انتشار جي گيم جو مقصد پاڪستان کي اندروني طور تي ڪمزور ڪرڻ ۽ انتشار ڦهلائڻ آهي جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مطيع الله جان جو معاملو حل ٿي چڪو آهي، پوليس جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪا به جاچ ٿئي ميرٽ ۽ قانون ۽ انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه آهي ته توهان ٻاهرئين ملڪ ويهي ملڪ جي خلاف سازش ڪريو، ان تي بلڪل زيرو ٽالرنس آهي، جيڪي به ان ۾ ملوث هوندا اهي ٽريڪ ۽ ٽريس ٿيندا، ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مدرسا بل جي حوالي سان عالم سڳورن جي اجلاس ۾ سمورن مڪتبه فڪر جا عالم شامل هئا جيڪي 18 هزار مدرسن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. عالم سڳورا چاهين ٿا ته مدرسن جو انتظام تعليم واري وزارت جي ماتحت ئي رهي. هن چيو ته 2018ع کان سڌارن جو هڪ سلسلو شروع آهي جنهن تحت 18 هزار مدرسن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان قابل احترام آهي، ان مسئلي جو حل اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي. مدرسي جي شاگردن جو نقصان نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي سائنسدان، انجنيئرز ۽ ڊاڪٽر بڻجي سگهن ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم سڀني کي ٻڌڻ ۽ انهن کي گڏ کڻي هلڻ هوندو آهي، ڪوشش هوندي ته سڀني کي اڳتي وٺي هلون. وفاقي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان اخبارن ۽ ٽي وي تي ڪو ٽيڪس لڳڻ نه ڏنو جنهن جي ڪري انهن جي ڪاروبار ۾ فائدو ٿيو، گذريل ٻن اڍائي سالن جون رهتون به ادا ڪيون، اي پي اين ايس ۽ پي بي اي کي گهرجي ته اهي پگهارن ۾ اضافو ڪن، سروس اسٽرڪچر تيار ڪن. هن چيو ته ڪيترن ئي چينلز انڪريمنٽس پڻ ڏنا آهن، ٻين ادارن کي به گهرجي ته اهي ان جي پيروي ڪن. تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڃا ڪا خبر نه آهي ته اهي مذاڪرات آهن يا مذاق رات.

مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں