اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڏهاڪن کان قوم تي مڙهيل ر??ندڙ پنهنجي ٽئين نسل جو سياسي مستقبل اونداهون ڏسي رهيا آهن، اڄ جڏهن مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون سڀ گڏ حڪومت کان ٻاهر ٿيون آه?? ته سڀ هڪ ٿي چونڊيل حڪومت خلاف سازش ڪري رهيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خصوصي معاون چيو ته غريب عوام جي لاءِ نه پر فضل الرحمان جو حڪومت سان جهيڙو اسد محمود، زرداري جو جهيڙو بلاول، نواز جو جهيڙو مريم، شهباز شريف جو جهيڙو حمزه شهبا?? ۽ ??سفنديار ولي جو جهيڙو ايمل ولي جي لاءِ آهي.