اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت نواز شريف جي صحت تي هر مرحلي تي آساني فراهم ڪئ??، حڪومت نواز شريف جي صحت جو معاملو ڪابينا ۾ کڻي وئي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته شوئرٽي بانڊ تي واويلا ڪئي وئي، وزيراعظم جي ڪوششن سان ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، معاشي ٽيم جي محنت ۽ جذبي سا?? معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ويو آهي، نواز شريف جي حوالي ج??ڪو فيصلو آيو آهي ان ۾ به عدالت شوئرٽي گهري آهي ج??ڪو وڌيڪ آئي??ي ۽ قانوني حلفنامو آهي، شريف خاندان حڪومت جي خيرسگالي ج?? جذبي کي ساراهڻ بدران الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف جو انسا??ي ۽ قانوني مسئلو آهي سياسي نه بڻايو وڃي، شريف خاندان سدائين پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ماضي ۾ به شريف خاندان پنهنجي ڪيل معاهدن تان ڦرندو رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني ج??رل انور منصور خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.