ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌي سنئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، اسان ڪ??نسي کي مس??حڪ?? ڪيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، غير ملڪي سيڙپڪارن کي پرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پاڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيب?? جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جاني?? جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن ع??لم?? اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.