اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي س?? سي) زراعت کي ترقي ڏيڻ ۽ آ??ادگارن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي س??سلي ۾ ڪي??رن ئي ارب رپين جي ماليت جي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پئڪيج تحت آبادگارن کي ڀاڻ ??ي زرتلافي ڏني ويندي، زرعي قر??ن تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪاٽن سيڊز ۽ سفيد مکيءَ جي خاتمي لاءِ جيت مار دوائن جي خريداري ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ٽريڪٽرن تي س??لز ٽيڪس ۾ سبسڊي ان پئڪيج جو حصو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.