اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي فوري ادائيگي جي نظام ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي منصوبي ”راست“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب افتتاحي تق??يب ٿي. تق??يب ۾ اهم شخصيتن بشمول وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريز، ڪارانداز جو سي اي او، بئنڪن ۽ ٽيلڪوز جا سي اي اوز ۽ ڪيترن ئي ٻين اسٽيڪ هولڊرز جا نمائندا موجود هئا. تق??يب جي ميزباني بئنڪ دولت پاڪستان ڪئي. ”راست“ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ڪارانداز پاڪستان جي حصيداري سان پاڪستان جو فوري ادائيگي جو ??هر??ون نظام تيار ڪيو آهي.